زبيده آپا

زبيده آپا

زبيده آپا

زبيده آپا: کاڌن پچائڻ جي ماهر زبيده طارق، جيڪا ’زبيده آپا‘ جي نالي سان مشهور آهي، ان جو تعلق ڪراچيءَ جي مشهور گھراڻي سان آهي، زبيده آپا بهادر يار جنگ جي ڏوهٽي آهي، کيس 10 ڀائر ۽ ڀينرون آهن، جن مان فاطمه ثريا بجيا (ناول نويس ۽ ڊرامه نگار)، زهره نگاه (شاعره)، انور مقصود (شاعر،
تنقيد نگار ۽ ليکڪ) جا نالا ذڪر جوڳا آهن. سندس ڀائيٽو بلال مقصود،
(انور مقصود جو پٽ)، پاڪستان جي مشهور پاپ بينڊ ’اسٽرنگز‘ جو گٽارسٽ ۽ ووڪلسٽ آهي.
زبيده آپا جا ڪيترن ئي نجي چينلن تان رڌ پچاءُ جا پروگرام ايندا آهن، جيڪي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر انتهائي شوق سان ڏٺا ويندا آهن. هي مصالحن ٺاهڻ وارين ڪمپنين ۾ به ڪم ڪندي رهي آهي. هن وقت نجي چينل ’مصالحه‘ تان سندس پروگرام ’هانڊي‘ روزانو 5 بجي شام جو سڌو نشر ٿيندو آهي، زبيده آپا جا گهريلو ٽوٽڪا به گهڻا مشهور آهن جنهن کي سڄي ملڪ جون رڌ پچاءُ جو شوق رکندڙ عورتون توڙي مرد وڏي شوق سان ڏسندا آهن. نوٽ: زبيده آپا 04 جنوري 2018 تي وفات ڪئي.


لفظ زبيده آپاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو